لوڊشيڊنگ، واڌو بلن ۽ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

شھدادپور (ن س )شھدادپور ۾ سول سوسائٽي، وڪيل، سماجي اڳواڻ شهري بجلي، گيس جي واڌو بلن ۽ اڻ اعلانيه لوڊشڊنگ خلاف دڪانون بند ڪري سماج سڌارڪ سليمان جي ابڙو، تعلقه بار شھدادپور جي صدر ايڊووڪيٽ غلام مصطفي سومرو، دي مغلز سنڌ جي چيئرمين خالد ظھور بيگ، سنڌ پاڪ تحريڪ جي ذوالفقار نربان، قانوندان ايڊووڪيٽ طارق محمود آرائين، سول سوسائيٽي اڳواڻ حڪيم چانڊئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي جي صورت ۾ پهچي نٽھڻ اس ۽ سخت گرمي ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حيسڪو شھدادپور ۽ گيس انتظاميه عوام سان ظلم ڪندي ڳاٽي ڀڳا بل موڪلي بجلي ۽ گيس يارفين کي ڪنگال ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي. جيڪو ظلم آھي. ٻئي طرف حيسڪو پڻ ههڙي ڪهر جي گرمي ۾ اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي غذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. اسين مجبور تي حيسڪو ۽ گيس انتظاميه جي ظلمن خلاف روڊن تي نڪتا آھيون. هنن گهر ڪئي ته بجلي ۽ گيس جا ڳاٽي ڀڳا بل ختم ڪري اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي شھرين سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چتاءۡ ڏنو ته تدارڪ نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو