اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڄي پاڪستان ۾ بجلي جي بلن جي واڌ خلاف مسلسل ٽئين ڏينهن به عوام سراپا احتجاج آهي، ماڻهن نه رڳو بجلي جا بل ساڙي ڇڏيا پر حڪومت کان ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.ڇا نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بجلي جي بلن ۾ ڪو رليف ڏئي سگهندو؟ بلن سان ڀريل عوام جون نظرون وزيراعظم هائوس تي اٽڪيل هيون.وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ڪجهه دير کانپوءِ ٿيندو، جنهن ۾ بجلي واري وزارت ۽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جا عملدار بريفنگ ڏيندا ۽ صارفين کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ بابت صلاح مشورا ڪندا.عوام اڄ موڪل واري ڏينهن به بجلي جي بلن خلاف روڊن تي نڪري آيو ۽ نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجلي سستي ڪئي وڃي ۽ ٽيڪس واپس ورتو وڃي.لاهور، ملتان، سرگوڌا، بهاولنگر، حافظ آباد، ڪماليا، رحيم يار خان سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون.خانيوال جهانيان روڊ تي به احتجاج ڪيو ويو، جتي رستو نه ملڻ تي ڪار سوار هوائي فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته ميٽر ريڊر عوامي احتجاج کي ڏسندي رهائشي علائقن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.هوڏانهن اسلام آباد ۽ ملتان کانپوءِ پشاور اليڪٽرڪ ڪمپني به پنهنجي عملي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس کان مدد گهري ورتي آهي.
