بجلي جي بلن خلاف احتجاج، مختلف ڪمپنين پاران سيڪيورٽي طلب

پشاور (ويب ڊيسڪ)بجلي جي بلن خلاف احتجاج کي نظر ۾ رکندي پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني پوليس کان سڪيورٽي طلب ڪري ورتي.پيسڪو چيف ڪيپيٽل سٽي پوليس کي خط لکي 7 سب ڊويزنن ۾ پوليس کي مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته خيبر سرڪل، حيات آباد 2، تاج آباد، لنڊي ارباب، بڙ بڙ، متني ۽ ديهه بهادر سب ڊويزنن ۾ پوليس فورس ڏني وڃي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ناراض ماڻهو ان سب ڊويزن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪري سگهن ٿا، پيسڪو ملازمن ۾ خوف و ہراس آهي، ملازمن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي.خط ۾ خدشو آهي ته موجوده صورتحال ۾ امن امان کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو