بجلي بلن تي فيصلو نه ٿيو،صنعتن جي مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو

بجلي بلن تي فيصلو نه ٿيو،صنعتن جي مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ بجلي جي بلن ۾ رليف جي معاملي تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خود پيداواري صنعتن کي ڏنل رعايتون واپس وٺي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بجلي پيدا ڪندڙ صنعتن لاءِ گئس جي اگهن ۾ فوري واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، بجلي پيدا ڪندڙ صنعتن لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ جولاءِ 2023ع کان لاڳو ڪئي وڃي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بجلي پيدا ڪندڙ صنعتن لاءِ سبسڊي وارو ٽيرف ختم ڪري قيمتن ۾ واڌ جو منصوبو پيش ڪيو وڃي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف اهو به مطالبو ڪري ٿو ته پاور سيڪٽر جو نظام درست ڪيو وڃي ته جيئن صارفين کي رليف ڏنو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن تي رليف پلان جي آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ وقت طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو