ليکڪ، عبدالحئي ساوند
سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جي سنگم تي قائم ضلعو ڪشمور اڄ ڪلهه ماڻھن جي ڪچهرين ۽ تبصرن جو موضوع بڻجي چڪو آھي گُڊو، ڊيره موڙ کان وٺي تنگواڻي، ڪرم پور، توڙي ناپرڪوٽ تائين هرجڳهه، هر هوٽل ۽ دوڪانن تي سياسي تبصرا ٿي رهيا آھن ڇو ته، وَرهِين کان وٺي هڪ ٻئي جا سياسي حريف رهندڙ بجاراڻي ۽ سندراڻي گروپ پاڻ ۾ ملي ويا آھن، ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي اقليتي سيٽ تي چونڊيل صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي ميزباني هيٺ سندراڻي گروپ جي سرواڻ چيف سردار مير غلام عابد خان سندراڻي، ۽ بجاراڻي گروپ جي سردار محبوب علي خان بجاراڻي ۽ مير شبير علي خان بجاراڻي ملاقات ڪئي آھي، ٻنهي گروپن ۾ ته گهڻو وقت اڳ ۾ سياسي برف پگهرجي وئي هئي مگر ڪجهه ڏينهن اڳ انهن جي ٿيل ملاقات بعد گهڻيون ڳالهيون پڻ واضح ٿي چڪيون آھن.

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تاريخ شايد ايتري پراڻي ناهي، ڇو ته اسانجي اکين اڳيان ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ وجود ۾ آيو، جيڪب آباد جي ڪُک مان جنم وٺندڙ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعو 2003 ۾ تڏھوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ وجود ۾ آيو، هن ضلعي ۾ بلوچ سردارن جو پڻ وڏو اثر رهيو آھي، اتر سنڌ جو مضبوط سرداري علائقا ڪشمور ضلعو ۽ جيڪب آباد ضلعو آھن باقي ٻين علائقن ۾ ايترا سردار نه آھن، ڪشمور ضلعي جو بنياد وجهڻ وقت به سياسي ۽ سگهاري ڌرين ۽ انهن جي سردارن کي نظر ۾ پڻ رکيو ويو، ڪرمپور کي تنگواڻي سان ملائي تعلقو تنگواڻي ڪري اهو علائقو بجاراڻي خاندان جي حوالي ڪيو ويو، ان کان علاوه غوثپور ۽ دڙي کي ڪنڌڪوٽ سان ملائي سندراڻي سردار جي هٿ ۾ ڏنو ويو، بخشاپور کي مرحوم مير بخشا خان ڊومڪي جي خاندان جي جهولي ۾ ڏنو ويو ۽ مٿين ڪشمور واري پٽي سرادار سليم جان خان مزاري کي ڏني وئي، گهڻ قومي ۽ قبيلائي علائقو ضلعو ڪشمور جتي تقريبن بلوچ آبادي گهڻي آھي هتي هر قوم جو پنهنجو سردار پڻ آھي، مگر ضلعو ڪشمور جون سگهاريون ۽ طاقتور ڌريون، سندراڻي، بجاراڻي، ۽ مزاري آھن، ۽ هميشه اهئي ٽئي خاندان مختلف سيٽن کان چونڊجي اقتداري ايوانن تائين به پهتا آھن، بجاراڻي ۽ سندراڻي گروپ هڪ ٻئي جا روائتي حريف پڻ رهيا آھن گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي انهن ٻنهي سندراڻي ۽ بجاراڻي گروپ ۾ سياسي ملاکڙو پڻ ٿيندو رهيو آھي، اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم مير هزار خان بجاراڻي جي توڙي جو پيپلزپارٽي سان ويجهڙائي رهي ۽ هو پيپلزپارٽي جو پراڻو جيالو پڻ سڏبو هو مگر هن جي پنهنجي علائقي ۾ سڃاڻپ بجاراڻي گروپ جي سرواڻ طور مشهور هئي، ۽ هاڻ ان جي واڳ صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي جي هٿ ۾ آھي، چيف سردار مرحوم مير سندر خان سندراڻي جي وفات بعد سندراڻي گروپ يا ان جا اتحادين چيف سردار مير غلام عابد خان سندراڻي کي پنهنجو سرواڻ چونڊيو ۽ وقتن به وقت سندراڻي ۽ بجاراڻي گروپن ۾ پڻ اليڪشني سياسي ملاکڙا پڻ ٿيندا رهيا، ڏهاڪن کان وٺي هلندڙ بجاراڻي ۽ سندراڻي گروپ جي سياسي مخالفت جو مزاري گروپ خوب فائدو ورتو، مزاري گروپ جي سرواڻ سردار سليم جان خان مزاري، سندراڻي گروپ جي مدد سان ضلعي ناظمي توڙي قومي اسيمبلي جي سيٽ مسلسل ڪڍندو آيو ۽ ڪشمور جي صوبائي تڪ تي پهريان ته ڊومڪي خاندان مان مير غالب خان ڊومڪي چونڊجي اقتداري ايوانن تائين پهچندو هو مگر مزاري گروپ سان شديد اختلاف ٿيڻ بعد ڪشمور واري سيٽ مير غالب حسين ڊومڪي کان پري ٿيندي مزاري گروپ جي ساٿي حاجي عبدالرئوف کوسو جي جهولي ۾ وڃي پهتي ۽ مسلسل ٽيون ڀيرو حاجي عبدالرئوف کوسو مزاري گروپ جي طرفان ڪشمور مان ايم پي اي جي سيٽ کٽي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي صوبائي اسيمبلي تائين پهچي رهيو آھي، مگر هاڻي ڪايا پلٽجي رهي آهي ۽ ڪنهن کي گمان ۾ به نه هو ته ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جا روائتي حريف رهندڙ سندراڻي ۽ بجاراڻي گروپ اوچتو ملي ويندا، ڇو ته مزاري کي کٽڻ ۾ هميشه ان جي اتحادي سندراڻي گروپ مدد ڪئي، ۽ بجاراڻي گروپ هميشه سندراڻي ۽ مزاري گروپ جو مقابلو به ڪندو رهيو ۽ پنهنجون سيٽون پڻ بچائيندو رهيو، مگر هاڻ بجاراڻي ۽ سندراڻي جي ٺھڻ بعد مزاري گروپ لاء ظاهري طور تي ته مشڪلاتون نظر اچي رهيون آھن، ڇو ته سموري ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جي صرف هڪ سيٽ آهي جيڪا سردار سليم جان خان مزاري جي بيهاريل اميدوار سندس جي ڀاڻج مير احسان الرحمان مزاري جي حوالي ٿيل آھي ۽ مسلسل ٻيون ڀيرو مير احسان الرحمان مزاري، مزاري گروپ طرفان ضلعي ڪشمور مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ملڪ جي راڄڌاني، اسلام آباد تائين پهچي رهيو آھي، ضلعي ڪشمور واسي جيترا سردار سليم جان خان مزاري جي ناظمي واري دور جي ترقياتي ڪمن ۽ ضلعي کي ماڊل ضلعو بڻائڻ مان مطمئن آهن ته اتي وري هو سردار سليم جان خان مزاري طرفان چونڊرايل ايم اين اي مير احسان الرحمان مزاري جي ڪارگردگي مان پڻ ناخوش آھن، ڇو ته مسلسل ٻيون ڀيرو ضلعي ڪشمور مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ باوجود به هن ضلعي ڪشمور لاء جو وڏو پراجيڪٽ حاصل ناهي ڪري سگهيو، تنهن ڪري هڪ طرف عوام طرفان مزاري گروپ جي اميدوارن مان ناخوش نظر اچڻ ۽ ٻئي طرف روائتي حريف سندراڻي ۽ بجاراڻي گروپ هڪ ئي پيج تي اچڻ بعد ضلعي جو سياسي وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو آھي. سموري ضلعي ۾ نوان سياسي بحث شروع ٿي ويا آھن ۽ ماڻھن طرفان بجاراڻي گروپ جي سردار محبوب علي خان بجاراڻي، مير شبير علي خان بجاراڻي، ۽ سندراڻي گروپ ۾ سردار ميرعابد خان سندراڻي جي گڏجڻ جي پڻ آجيان ڪئي وئي آھي. اڳوڻو ايم پي اي مير غالب حسين ڊومڪي جيڪو مزاري گروپ کان پهريان ئي الڳ ٿي چڪو هو ان به ڪجهه ڏينهن اڳ سندراڻي گروپ جي سرواڻ مير عابد خان سندراڻي سان ملاقات ڪري معاملا پڻ طئي ڪري ڇڏيا جنهن بعد سوني تي سهاڳ اهو ٿيو جو مڪيش ڪمار چاولا جي ميزباني هيٺ بجاراڻي ۽ سندراڻي هڪ پيج تي اچي ويا، هن سموري سياسي وايو منڊل ۾ مزاري گروپ مڪمل طور تي خاموش آھي، ۽ ان جا اتحادي به مڪمل طور تي خاموش نظر اچي رهيا آھن، ان کان علاوه خبرون اهي به اچن پيون ته سردار سليم جان خان مزاري جنهن کي پراڻو سياسي کلاڙي پڻ سڏيو ويندو آھن ان به اندروني طور ڀڃ ڊاهه ڪرڻ شروع ڪئي آھي مزاري گروپ پاران سندراڻي ۽ بجاراڻي گروپ جي مخالفن سان رابطا پڻ شروع ڪيا ويا آھن، جيڪي فلحال ته ڳجها رکيا ويا آھن.

مگر اڳتي هلي متان اهي به نمودار ٿين ڇو ته سردار سليم جان خان مزاري به پراڻو سياسي کلاڙي آھي جيڪو وقت جو انتظار ڪري رهيو آھي ۽ وقت اچڻ تي هو به پنهنجا سياسي پتا ميدان ۾ لاهيندو، ٻئي طرف مختلف قومن جا سردار، چيف آف ڊومڪي سردار تاج محمد خان ڊومڪي، سردار محمد صلاح خان گولو، سردار تيغو خان تيغاڻي، سردار حيدر علي خان جکراڻي، سردار احمد علي خان بنگوار، به پنهنجو وڏو اثر ۽ وڏو ووٽ بينڪ رکندڙ آھن، توڙي جو انهن جون سياسي وفاداريون ڀلي ڪهڙي به گروپ يا ڪهڙي به پارٽي سان هجن مگر اهي به سموري راند کي خاموشي سان ويهي ڏسي رهيا آھن ڇو ته هن وقت هلندڙ هي سياسي ملاکڙو تمام دلچسپ آھي ۽ يقينن ٽئي گروپ ڄاڻايل سردارن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاء نهن چوٽي جا زور لڳائيندا، مگر سوڀ ڪنهن کي ملندي، ان بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، بجاراڻي ۽ سندراڻي گروپ جي گريٽ گيم مزاري گروپ کي آئوٽ ڪندي، يا وري مزاري گروپ نئين قوت طور اُڀري پنهنجون سيٽون بچائيندو، ڏسجي ته اڳتي هلي ڇا ٿو ٿئي.abdulhayeesawand@gmail.com










