باجوڙ: (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي جي نتيجي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.پوليس موجب باجوڙ جي علائقي ڊمه ڊوله ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله جي گاڏي کي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي سينيٽر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.اڳوڻي سينيٽر سان مارجي ويلن ۾ ماموند قبيلي جو ملڪ عرفان ۽ ملڪ نذرالدين پڻ شامل آهن










