وزيرن ۽ مشيرن کي سرڪاري گهر ۽ گاڏيون واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪندي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن کان 3 ڏينهن اندر اثاثن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جا نگران مقرر ڪرڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون.پوسٽ موجب نگران حڪومتون عالمي ٻطرفن معاهدن تي عملدرآمد ڪرائي سگهن ٿيون، قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ اداري جي ذميواري آهي.هن وڌيڪ چيو ته صاف، شفاف ۽ بروقت چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ بابت آئيني قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو. چونڊن لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪيو وڃي ۽ هر سياسي پارٽي کي ليول پلئنگ فيلڊ ڏني وڃي.اليڪشن ڪميشن چيو ته نگران حڪومتون شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سهڪار کي يقيني بڻائين. اليڪشن ڪميشن جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ڪابه مقرري يا منتقلي نه ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني ادارن ۾ هر قسم جي ڀرتين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن ادارن ۾ ڀرتي ڪيل سياسي شخصيتن جي نوڪريون ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي اڳوڻي وزيرن، صلاحڪارن ۽ ميمبرن کي سرڪاري رهائشگاهون خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.خط ۾ اڳوڻي وزيراعظم، وڏن وزيرن ۽ ڪابينا ميمبرن کي سرڪاري گاڏيون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون قانون موجب روزاني بنيادن تي ڪم ڪن، نگران حڪومتون چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو