اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ انجيڪشن سبب اکيون متاثر ٿيڻ جي معاملي کان پوءِ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي سڄي ملڪ جي اسپتالن ۽ فارميسيز کي لاڳاپيل انجيڪشن استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي ٻئي حڪم اچڻ تائين لاڳاپيل انجيڪشن جي وڪرو تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان حوالي سان ڊريپ اختيارين چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ غير رجسٽرڊ ۽ رجسٽرڊ ٻئي انجيڪشنون موجود آهن. درآمد ٿيل انجيڪشن جي ڪوالٽي مڪمل چيڪ ٿيڻ تائين ان کي استعمال نه ڪيو وڃي.ڊريپ اختيارين موجب ملڪ جون ڪيتريون ئي اسپتالون انهي انجيڪشن جي ري پيڪنگ ۾ مصروف آهن. ڪنهن به اسپتال ليبارٽري ۽ فارميسي وٽ انهي انجيڪشن جي ري پيڪنگ جو لائسنس نه آهي. جڏهن ته مريض به اکين جي بيماري لاءِ في الحال اها انجيڪشن لڳرائڻ کان پاسو ڪن. ٻئي طرف اکين جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن چيو آهي ته اها انجيڪشن لڳرائڻ سان هزارين مريضن جي اکين جي روشني متاثر ٿي سگهي ٿي. اها انجيڪشن شُگر کان بچاءُ جو سستو علاج آهي. ڊريپ کي انهي دوا جي مارڪيٽ ۾ دستيابي لاءِ سٺن ادارن جو لائسنس ڏيڻ گهرجي.
