ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)ٽنڊومحمدخان شهر ويجهو چئنل موري ڀرسان ڳوٺ محرم ملاح ۾ اچانڪ باھ لڳي ويئي ، جنهن سبب پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ ملاح برادري جي 10 گهر سڙي ويا ڪکائن گهرن ۾ هر هڪ محرم ملاح ، آچار ملاح ، اسحاق ملاح ، آدم ملاح ، علي بخش ملاح ، خدابخش ملاح ، محمد هاشم ملاح ، شير علي ملاح ، ذوالفقار ملاح ۽ الهورايو ملاح جي گهرن ۾ پيل سونا زيور ، روڪ رقم ، هند بسترن سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو ، جڏهن ته فائير برگيڊ جي گاڏي ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو ، باھ متاثرين پورهيتن جو چوڻ آهي ته اسان جي گهرن ۾ لڳ ڀڳ 70 مڻ ڪڻڪ پيل هئي جيڪا پڻ هن باھ سبب سڙي رک ٿي ويئي ۽ 5 ڪڪڙيون ، اٽو لٽو ڪپڙا پڻ سڙي رک ٿي ويا ، اسان هاڻ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون ، ضلعي انتظاميه سميت ڪو به اسان ڏانهن لڙي نه آيو آهي ، هنن چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي .










