اچانڪ باھ لڳڻ سبب ملاح برادري جا ڏهه  گهر سڙي ويا

اچانڪ باھ لڳڻ سبب ملاح برادري جا ڏهه گهر سڙي ويا

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)ٽنڊومحمدخان شهر ويجهو چئنل موري ڀرسان ڳوٺ محرم ملاح ۾ اچانڪ باھ لڳي ويئي ، جنهن سبب پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ ملاح برادري جي 10  گهر سڙي ويا ڪکائن گهرن  ۾ هر هڪ محرم ملاح ، آچار ملاح ، اسحاق ملاح ، آدم ملاح ، علي بخش ملاح ، خدابخش ملاح ، محمد هاشم ملاح ، شير علي ملاح ، ذوالفقار ملاح ۽ الهورايو ملاح جي گهرن ۾ پيل سونا زيور ، روڪ رقم ، هند بسترن سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو ، جڏهن ته فائير برگيڊ جي گاڏي ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو ، باھ متاثرين پورهيتن جو چوڻ آهي ته اسان جي گهرن ۾ لڳ ڀڳ 70 مڻ ڪڻڪ پيل هئي جيڪا پڻ هن باھ سبب سڙي رک ٿي ويئي ۽ 5 ڪڪڙيون ، اٽو لٽو ڪپڙا پڻ سڙي رک ٿي ويا ، اسان هاڻ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون ، ضلعي انتظاميه سميت ڪو به اسان ڏانهن لڙي نه آيو آهي ، هنن چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو