اڄ کان بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيڪريٽري پاور راشد لنگريال چيو آهي ته اڄ کان بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.سيڪريٽري پاور رشيد لنگريال مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي.سيڪريٽري پاور راشد لنگريال جو چوڻ آهي ته سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس ڪريڪ ڊائون ۾ تعاون ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر آهي ته چورن خلاف هي مهم آسان ناهي پر ناڪامي ڪو آپشن ناهي.سيڪريٽري پاور ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اهو به لکيو آهي ته فيلڊ فارميشنز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بجلي چورن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو