اپوزيشن ڄاڻي ٿي ته پير پڪڙڻا آهن،ان ڪري سياستدانن سان نه پيا ڳالهائين

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي ۽ چيو ته اپوزيشن جيڪڏهن آئين جي بالادستي ۾ دلچسپي رکي ٿي ته پيپلز پارٽي موجود آهي، پر اپوزيشن کي خبر آهي ته انهن کي ڪنهن جا پير پڪڙڻا آهن ان لاءِ هو سياستدانن سان ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن ذاتي روڄ پٽڪو نه ڪري پر مسئلن تي ڳالهيون ڪري بجيٽ جي لاءِ اپوزيشن جون به تجويزون گهرجن، اپوزيشن جي پگهار انهي وقت حلال ٿيندي جڏهن اهي پارليامينٽ ۾ مثبت ڪردار اد اڪندا.هن چيو ته اپوزيشن جمهوري انداز ۾ بيشڪ احتجاج ڪري پر اپوزيشن جا نمائندا جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي چونڊيل سمجهن ٿا ته عوام جي مسئلن تي ڳالهائين ڇو ته ڪوبه ميمبر انهي وقت ئي ذميوار بڻجي سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي روئڻ جي بجاءِ عوامي مسئلن تي ڳالهيون ڪري، هتي صدر زرداري 20 منٽ جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ ڏيڍ ڪلاڪ تقرير ڪئي پر اپوزيشن اڳواڻ عوامي مسئلن تي ڳالهيون نه ڪيون.پ پ چيئرمين چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سنڌ جي مقابلي جو هڪ به اسپتال نه آهي، سنڌ مان ڪوبه ٻئي صوبي ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ ناهي ويندو، ٻين سمورن صوبن کان علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ ايندا آهن، سنڌ حڪومت ڪي پي ڪي حڪومت کي دعوت ڏئي ٿي ته هو اسان جون اسپتالون اچي ڏسي.هن چيو ته سنڌ ۾ گوسڙو استادن جو مسئلو بائيو ميٽرڪ حاضري سان حل ڪري ڇڏيو آهي، تعليمي ادارن جي نجڪاري نه ٿيڻ گهرجي. آزاد ڪشمير جي معاملي تي بلاول چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير جو مسئلو حل ڪري سٺو ڪيو آهي. پاڪستان جو موقف ڪشمير ۽ فلسطين تي صدر آصف زرداري چٽو بيان ڏنو. مان مذمت ڪريان ٿو ته جڏهن صدر زرداري تقرير ڪري رهيو هو ته اپوزيشن گوڙ ڪري رهي هئي، سفيرن جي موجودگي ۾ پاڪستان جو ڪيس ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب سمورن صوبن ۾ هاري پريشان آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن سڀ چون ٿا ته هاري معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي جيڪڏهن ڪشمير اهم آهي ته زراعت ۽ معيشت به اهم آهي. هاري جو استحصال ٿيو آهي ان تي احتساب ڪرڻ گهرجي.بلاول چيو ته پرڏيهي ملڪن کي ڊالر ڏئي ڪڻڪ گهرائي وئي، پاڪستان جي هاري کي ڪڻڪ گهرائڻ جي فيصلي برباد ڪري ڇڏيو. ڪڻڪ جي درآمد تي ڪميٽي ڪميٽي کيڏڻ بند ڪيو وڃي نتيجا سامهون آندا وڃن. جيڪڏهن معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي ته سڀاڻي نه اڄ ايڪشن وٺڻو پوندو. ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ سبب سنڌ ڪڻڪ گهٽ خريد ڪئي، پنجاب خريد ئي نه پيو ڪري جنهن جي ڪري هاري کي ڪڻڪ جي قيمت نه پئي ملي هاڻ ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.هن چيو ته وزيراعظم ڳولا ڪري ته اهي ڪهڙا وزير ۽ سيڪريٽريز هئا جنهن ڪڻڪ بنا ڪنهن ضرورت جي ٻاهران گهرائي، هاڻ اهي ڪير آهن آهن جيڪي ڪڻڪ خريد نه پيا ڪن؟ ٻڌايو وڃي نالائق ۽ نااهل اڻ چونڊيل وزير ۽ سيڪريٽري ڪير هئا جيڪي انهي معاملي ۾ ملوث هئا، وزيراعظم ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن ۽ آفيسرن جي خلاف قدم کڻي ۽ حڪومت ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ تي لڳايل پابندي کي فوري طور تي ختم ڪري.بلاول پنهنجي تقرير ۾ پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ڪئي، اپوزيشن اڳواڻ ۽ عمران خان تي به تنقيد ڪئي جنهن سبب اپوزيشن ميمبر ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ گوڙ شروع ڪري ڏنو. بلاول اسپيڪر کي چيو ته مان هنن کي نظر انداز ڪري رهيو آهيان اوهان به هنن کي ڇڏي ڏيو.بلاول پي ٽي آءِ کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اپوزيشن جيڪڏهن آئين جي بالادستي ۾ دلچسپي رکي ٿي ته پيپلز پارٽي موجود آهي پر اپوزيشن کي خبر آهي ته ڪنهن جا پير پڪڙڻا آهن، انهي لاءِ هو سياستدانن سان ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين. اپوزيشن اسٽيبلشمينٽ جا پير پڪڙي پاڻ ئي مداخلت جي دعوت ڏئي رهي آهي، اهي ماڻهو ڳالهيون حقيقي آزادي جي ڪندا آهن ۽ مطالبو پير پڪڙڻ جو ڪندا آهن.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان شهادتون ماڻي لاش پنهنجن ڪلهن تي کڻي پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳائيندا آهن هنن جي اڳواڻ هڪ رات جيل ۾ ڪاٽي ته ملڪ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، اها حقيقي آزادي نه آهي، پر هڪ اڳواڻ جو روئڻ آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي انهي نفرت، دهشتگردي جي سياست کي عوام جي عدالت ۾ شڪست ڏيندي. پ پ چيئرمين جي تقرير جيئن ئي ختم ٿي اسپيڪر هنگامي کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي اجلاس سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو