اپوزيشن اتحاد جو سموري ملڪ ۾ مهم هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد سڄي ملڪ ۾ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ چيو ته فيصل آباد ۽ ڪراچي جلسن لاءِ انتظاميا خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تحريڪ اڳتي وڌائڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ آئين جي بحالي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مهم هلائڻ سان گڏ فيصل آباد ۽ ڪراچي جسلن لاءِ انتظاميا خلاف عدالت سان رابطي جو به فيصلو ڪيو ويو. اپوزيشن اتحاد چيو ته عوامي اجتماع ڪرڻ آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي، جلسا هر صورت ۾ ٿيندا، ملڪ ۾ جمهوريت ختم ٿي چڪي آهي ۽ آئين سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي، اسان جي تحريڪ آئين جي بحالي تائين جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو