“اي ڊي بي پي” هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر منظور ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ديسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر جو قرض منظور ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2018 جي وچ ڌاري پيدا ٿيل مالي خرابين جي بهتري لاءِ قرض منظور ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آه ته هي قرض آءِ ايم ايف جي ملٽي ڊونرز ريفارمز پروگرام هيٺ ڏنو پيو وڃي. پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر سست معيشت جي بحالي لاءِ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته 30 ڪروڙ دالر توانائي جي شعبي جي گردشي قرض جي خاتمي لاءِ هوندا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ معاشي بهتري لاءِ مدد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو