‘اي پي ايس’ جاچ رپورٽ ڳجهي آهي، حڪومت کان جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي رپورٽ کي ڳجهو قرار ڏيندي متاثره والدين کي ڪاڇي فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. پشاور جي اي پي ايس سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهيد ٻارڙن جا والدين عدالت ۾ پيش ٿي انصاف ۽ انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي استدعا ڪئي، چيف جسٽس ٻارڙن جي والدين سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سان ظلم ٿيو، ائين نه ٿيڻ کپندو هو، ڇا ڪريون اها الله جي مرضي هئي، جيڪو ٿي ويو، ان کي واپس نٿا ڪري سگهون، عدالت پڇو ته ڇا ڪريون؟ والدين چيو ته ڪميشن جي رپورٽ جي ڪاپي ڏيو. عدالت چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ڳجهي آهي، اسان اٽارني جنرل کي ڏيون ٿا ۽ هو حڪومت کان پڇي جواب ڏيندو  جنهن بعد جيڪو قانون موجب ٿي سگهندو اهو ڪنداسين. عدالت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي وفاقي حڪومت کان 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار والدين جي مطالبي تي عدالتي جاچ جو حڪم ڏنو هو. والدين جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪميشن اسانجي مطالبي تي ٺهي آهي ته پوءِ رپورٽ ڳجهي ڇو آهي، ڪاپي ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو