اي سيز لاءِ  138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو

اي سيز لاءِ 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 2ارب روپين جي ماليت جون 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران صوبي ۾ 138 اسسٽنٽ ڪمشنرن جون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي کي خط لکيو ويو آهي،خط ۾ چيو ويو آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريدڻ لاءِ هڪ ارب 99 ڪروڙ 18 لک روپيا جاري ڪيا وڃن،ناڻي کاتي کي لکيل خط موجب اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ نيون لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ جي سنڌ ڪابينا پاران منظوري ڏني وئي هئي،خط ۾ چيو ويو آهي ته گاڏين جي خريداري لاءِ هڪ ارب 98 ڪروڙ 18 لک 29 هزار روپيا جاري ڪيا وڃن

پهنجو تبصرو موڪليو