اي اين ايف ڪارروايون، 88 ڪلوگرام منشيات هٿ، 9 جوابدار گرفتار

اي اين ايف ڪارروايون، 88 ڪلوگرام منشيات هٿ، 9 جوابدار گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) منشيات فروشن خلاف 7 مختلف ڪاررواين دوران 88 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪري 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.اي اين ايف جي ترجمان موجب، اسلام آباد جي ايم ون موٽر وي تي هڪ گاڏي مان 15 ڪلو 600 گرام چرس هٿ ڪئي وئي، جيڪا گاڏي ۾ ٺهيل ڳجهي باڪس مان هٿ ڪئي وئي. ڪارروائي دوران چارسده جي 2 جوابدارن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. اسلام آباد جي سنگجاني ٽول پلازه وٽ ڪارروايون ڪري موٽرسائيڪل سوار جوابدار کي عورت سميت گرفتار ڪيو ويو، ڪارروائي دوران عورت جي پرس ۽ موٽرسائيڪل جي سيٽ ۾ لڪايل منشيات هٿ ڪئي وئي، جوابدار وٽان 1 ڪلو برف به شامل آهي. باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران مسافر جي پيٽ مان برف سان ڀريل 87 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا، جوابدار خيبر جو رهواسي هو جيڪو قطر جي اڏام نمبر QR-601 ذريعي قطر وڃي رهيو هو. جمرود خيبرپختونخواهه ۾ اي اين ايف جي ڪارروائي دوران 2 جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن جي گهر مان 5 ڪلو هيروئن، 200 گرام آئس ۽ 50 منشيات جون گوليون هٿ ڪيون ويون. ڪوئيٽا ۾ ڪارروائي دوران پڪ اپ مان 62 ڪلو چرس هٿ ڪئي وئي. جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو