ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور، بجلي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ،احتجاج جاري

ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور، بجلي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ،احتجاج جاري

مظفرآباد: (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير جي حڪومت عوامي ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا مڃي ورتا، بجلي ۽ اٽو سستو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1 هزار روپين ۾ ملندو، جڏهن ته 40 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2 هزار روپيه ۽ هڪ ڪلو 50 روپين جو ٿي ويو آهي.ٻئي طرف آزاد جمون، ڪشمير جي توانائي کاتي به بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهريلو استعمال جي بجلي لاءِ هڪ کان 100 يونٽ تائين بجلي جي قيمت 3 روپيه في يونٽ هوندي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 101 کان 300 يونٽ تائين 5 روپيه جڏهن ته 300 کان وڌيڪ يونٽ جي استعمال تي قيمت 6 روپيه في يونٽ هوندي، ڪمرشل 300 يونٽ استعمال تي بجلي جي في يونٽ قيمت 10 روپيه هوندي. 300 کان وڌيڪ يونٽ جي استعمال تي في يونٽ بجلي جي قيمت 15 روپيه هوندي.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 23 ارب روپين جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. شهباز شريف جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي اسلام آباد ۾ خصوصي اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ وزيراعظم آزاد جمون ڪشمير، آزاد حڪومت جي وزيرن ۽ اعلي سياسي قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اتحادي پارٽي جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ تازي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ڪشميري عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 23 ارب روپين جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪشميري قيادت ۽ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف جو ٿورو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو