اين اي 207 تان آصفه ڀٽو بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري قومي اسميبلي جي تڪ اين اي 207 نواب شاهه تان بنا مقابلي ڪامياب ٿي وئي. الڪيشن ڪميشن موجب، آصفه ڀٽو جي مقابلي ۾ يارنهن اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، اميدوارن پاران آصفه ڀٽو جي حمايت ۾ هٿ کڻڻ کانپوءِ پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي وئي آهي. هاڻ اين اي 207 تي آصفه ڀٽو زرادري بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو