ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مون سون جون هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون.ميڊيا سان ڳالهائيندي موسميات کاتي جو چوڻ هو ته خليج بنگال ۾ سخت گهٽ دٻاءُ آهي، ڊيپ ڊپريشن کان اڳ اسٽيج سائڪلون بڻجي ويندو آهي.هن چيو ته 20 يا 21 سيپٽمبر تائين اهو سسٽم ڀارت جي گجرات ۽ راجسٿان کي متاثر ڪري سگهي ٿو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان سسٽم جي اثر هيٺ ايندڙ ڏينهن ۾ مون سون جون هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون، اهو چوڻ وقت کان اڳ وارو آهي ته اهو سسٽم برسات جو سبب بڻجندو يا نه.










