حيدرآباد (بيورو رپورٽ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ وقت انتھائي ڏکيو ۽ چيلينجنگ آھي. مائيٽن جا دادلا، سُست ۽ بگڙيل سنڌي ٻار سروائيو نہ ڪري سگھندا. منھنجو پُٽ پرديس نہ ويندو، منھنجي ڌيءَ ڀلي ننڊون ڪري، منھنجي ٻچڙي کي ڪوسو واءُ نہ لڳي، جھڙيون پنھنجون ڳالھيون برقرار رھيون تہ پوءِ سڀ ڪجھ وڃائي ويھنداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ پنھنجي گھر جي ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن کان سندن ايندڙ پنجن ۽ ڏھن سالن جي پلان بابت سوال پڇو، ساڻن صلاح مشورو ڪري رھنمائي ڪيو، کين نوان اسڪلز ۽ علم سيکاريو. ھن مدي خارج ڪرپٽ نظام ۾ نہ روزگار آھي، نہ انصاف ۽ نہ ئي ميرٽ. بنا رٿابندي جي ٻارن جا اھڙا لشڪر پيا ڄڻيون ۽ پاليون جن جي مستقبل بابت نہ کين ڪا خبر آھي نہ اسان کي. گڏجي بحث، تحقيق ۽ جستجو ڪري نوان شعبا، بزنس, علم ۽ موقعا ڳولينداسين ۽ پنجن ۽ ڏھن سالن جا منصوبه جوڙينداسين تہ ڪي نہ ڪي بھتر رستا ضرور نڪري پوندا. اٿي کڙا ٿيو، گھرن مان نڪرو محنت، علم، عقل ۽ مستقل مزاجي سان ڇائنجي وڃو ھوڏانھن سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (ڪيو اي ٽي) حيدرآباد ضلعي جو اجلاس قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس سيڪريٽريٽ قاسم آباد ۾ صبا سمون جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تنظيم سازي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ حيدرآباد ضلعي جي تعليمي ادارن جو دورو ڪري ايس جي ايس ٽي جا نوان يونٽ کوليا ويندا، ڪارڪنن جي تربيت لاءِ ھر سومر تي اسٽڊي سرڪل ھلايو ويندو.اياز لطيف پليجو ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ ٻين موضوعن تي ليڪچر ڏيندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشنا پٺاڻ چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي










