ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ مالي سال 25-2024ع جو سنڌ بجيٽ سڀاڻي ( جمعو 14 جون 2024ع جي ڏينهن پيش ڪيو ويندو، ذريعن مطابق سنڌ ڪابينا جو اجلاس 14 جون تي صبح 9 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني ويندي، جنهن کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو، نئين مالي سال تي بجيٽ جو ڪل حجم ساڍا 23 کرب کان وڌيڪ جو هوندو، جڏهن ته ساليانو ترقياتي پروگرام 430 ارب کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز شامل آهي، ان کان علاوه ضلعي ترقياتي پروگرام ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي، 30 ارب کان وڌيڪ جي هوندي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز به شامل آهي، جڏهن کان گهٽ کان گهٽ اجرت 35 هزار مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ نيون ڀرتين جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ 200 گهرن کي سولر پليٽ ڏيڻ جي به تجويز آهي.










