ايم ڪيو ايم کي هميشه خيرات ۾ سيٽون ملنديون آهن، وقار مهدي

ايم ڪيو ايم کي هميشه خيرات ۾ سيٽون ملنديون آهن، وقار مهدي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو آهي ته 1988 هجي يا 2024 ايم ڪيو ايم کي هميشه ڪراچي ۽ حيدرآباد مان خيرات ۾ سيٽون ڏنيون ويون ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجو حصو قربان ناهي ڪيو پر پنهنجي گناهن جو ڪفارو ادا ڪيو آهي واضح رهي ته پڪا قلعه گرائونڊ حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ مهاجر پنهنجي حصي کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن.هن چيو ته پيپلز پارٽي کي جڏهن موقعو مليو ته پاڪستان کي ورهائڻ واري فيصلي تي مهر لڳائي ڇڏي. جن جي وجه سان پاڪستان ٺهيو بعد ۾ انهن کي ڳوٺاڻن علائقن لاءِ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو