تحرير الله وسايو گهوٽو
ايم ڪيو ايم و فاقي حڪومت کي جهٽڪو ڏنو آهي هنن حڪومت کان الڳ ٿيڻ جي ڌ مڪي ڏيندي چيو آهي ته هو حڪومت ۾ رهڻ يا الڳ ٿيڻ جي راءِ عوام کان وٺندا ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف حڪومت جيڪي واعدا ڪيا هئا سي واعدا وفا نه ٿيا آهن. هنن چيو آهي ته 2017 واري مردمشماري تي اسان کي تحفظات آهن ۽ حڪومت حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر واعدو پورو نه ڪيو ۽ مردمشماري جي نتيجن جي ڪيبنٽ مان منظوري ورتي وئي آهي ان ڪري حڪومت ۾ رهڻ يا نه رهڻ جي راءِ عوام کان و ٺندا سين. ايم ڪيو ايم جي اها ڳالهه غلت آهي مردمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏيڻ عمران خان جي وس نه آهي ان جي منظوري ۽ اهو ڪم سي سي آءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جيڪا چئني صوبن جي مفادات جو هڪ ضامن ادارو آهي اها ڪندي آهي . ايم ڪيو ايم چئي رهي آهي ته شهري آبادي مردمشماري ۾ 25 فيصد گهٽ ٻڌائي وئي آهي هنن جي آرگيومينٽ ۾ ڪا جان نه آهي پر پوءِ به چيو آهي ته اسان عوام کان راءِ وٺندا سين ته حڪو مت ۾ رهڻو آهي يا الڳ ٿيڻو آهي پر هي سڀ بهانو آهي ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو امپائر جي اشاري تي ڪندي آهي هنن کي جيڪو حڪم ملندو اهو ئي ڪندا آهن مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حڪومت کان الڳ ٿيڻو آهي ته حڪو مت ڇڏي ڏيو دراما بند ڪيو. سنڌ حڪومت به مردمشماري جي فيصلي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي 20017 جي مردمشماري ۽ ٽن سالن کانپوءِ ڪيبنٽ مان نتيجا منظورڪيا وڃن ٿا جڏهن ته حڪومت اهو واعدو ڪيو هو ته سنڌ ۾ جيڪي مردمشماري بلاڪ ٺهيا آهن انهن مان پنج فيصد بلاڪس ۾ مردمشماري ڪرائي ويندي جيڪڏهن فرق ظاهر ٿيو ته ٻيهر مردمشماري ڪرائي ويندي پر ٽي سال گذري ويا آهن هاڻي ان ۾ ڪجهه نه ٿي سگهندو مردمشماري کي ڪير بدلائي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج جي نگراني ۾ ٿي آهي ۽ جيڪڏهن ٻيهر مردمشماري ڪرائجي ته 100 ارب فوج کي ڏيڻا پوندا نئين مردمشماري ڪرائڻ لاءِ ۽ ٻيا خرچ الڳ ٿيندا ان ڪري مردمشماري ٻيهر ڪرائڻ نا ممڪن آهي ملڪي معيشت پهريان ئي ويٺل آهي اهي سڄا مسئلا آهن پوءِ به حڪومت آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي پسند جا فيصلا ڪري رهي آهي ۽ ان سان حڪومت هلي نه سگهندي اهي پنهنجي ساک خراب ڪري رهيا آهن ٻيو هڪ اهم اشو آهي جيڪو موجوده سياسي حالات تي وڌيڪ اثر انداز آهي ڊي جي رينجرز سنڌ کي مدو پورو ڪرڻ کان پهريان هٽايو ويو آهي ڇو ته اها پاڪستان پيپلز پارٽي جي فرمائش هئي ڪيپٽن صفدر ۽ مريم نواز تي ڪراچي جي هوٽل تي ڇاپو لڳو هو ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو ويو ان بابت جيڪو بحث يا جهيڙو هلي رهيو هو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊي جي رينجرس کي هٽايو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي رپورٽ ڪيبنٽ جي ڪاميٽي کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي جيڪا ڪميٽي 5وزيرن تي مشتمل هئي ڪابينا جي ڪميٽي چيو آهي ته ڪيپٽن صفدر جي خلاف ايف آءِ آر ڪرائڻ ۾ حڪمران جماعت جا ڪجهه ايم اين ايز ملوث آهن. مسئلو ڊي جي رينجرز کي هٽائن جو هو جنهن جي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ آرمي چيف ۾ ان آفيشل انڊراسٽينڊنگ ٿي هئي اهي به تنقيد کان بچڻ لاءِ ڊي جي رينجرز کي هٽائڻ چاهي رهيا هئا.ڊي جي رينجرز عمر بخاري صاحب جنهن تي اهوالظام لڳو هو ته هن جي چوڻ تي آءِ سنڌ ۽ سي سي پي او سنڌ پوليس کي اغوا ڪيو ويو ۽ حراست ۾ رکيو ويو هو ته ڪيپٽن صفدر خلاف ڪيس داخل ڪريو ان ۾ ڪراچي جي هڪ وفاقي وزير جو نالو ۽ گورنر سنڌ جو نالو به آيو انهن دٻائو وڌو هو ته ڪيپتن صفدر تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.اهي سڀ مسئلا جڏهن ٿيا ته آرمي چيف پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ مهيني جي اندر انڪوائري ڪرائي ملوث ماڻهن کي سزا ڏيارڻ جي پڪ ڏياري هئي پرٽائيم هڪ مهيني کان وڌيڪ گذري ويو آهي. ڊي جي رينجرز عمر بخاري اپريل 2019 ۾ سنڌ رينجرز جو ڊي جي مقرر ٿيو هو ان وقت پاڪستان فوج جي 40 برگيڊيئرن جو ميجر جنرل جي عهدن تي پروموشن ڪيو ويو هو جنهن ۾ عمر بخاري به شامل هو ۽ هن کي ڊي جي رينجرس ڪراچي مقرر ڪيو ويو هو . ڊي جي رينجرز جي پوسٽنگ ٻن يا ٽن سالن لاءِ هوندي آهي ۽ هڪ سال کان پهريان ان کي نه هٽائي سگهبو آهي. هاڻي جڏهن ڊي جي رينجرس کي هٽايو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کان به ڪناراڪشي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آ هي ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٻين پارٽين تي به زور ڀري رهيا آهن ته اسان توهان کي پهريان به ٻڌايو هو ته ميدان خالي نه ڇڏينداسين ان صورتحال تي پي ڊي ايم ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن ۽ مسلم ليگ ن ان سڄي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن اهو تاثر نه اچي ته پي ڊي ايم ٽٽي رهي آهي شاهد خاقان عباسي مولانا فضل رحمان سان ملاقات ڪري چيو ته توهان پي ڊي ايم جا سربراهه آهيو ان مسئلي تي ڪنٽرول ڪيو وڌيڪ خراب نه ٿيڻ ڏيو مولانا فضل رحمان خود پريشان آهي ڇاڪاڻ ته ان جي پارٽي جا چار سينئر اڳواڻ مولانا جي خلاف ٿي ويا ۽ انهن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيوآهي انهن ۾ مولانا محمد خان شيراني حافظ حسين احمد مولانا گل نصيب ۽ شجاع ملڪ شامل آهن هڪ لحاظ کان مولانا فضل رحمان سٺو فيصلو ڪيو آهي جيڪو اڳواڻ پارٽي ليڊر جي بيان سان اتفاق نه ٿو ڪري ۽ پارٽي جي موقف سان اختلاف رکي ٿو ان کي سزا ملڻ گهرجي مسلم ليگ ن به ايئن ڪيو هو هنن جي اسيمبلي ميمبرن نواز شريف جي بيان سان اتفاق نه ڪيو هو ۽ پارٽي پاليسي خلاف ڳالهايو هو ته انهن پنجن ميمبرن کي به پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو. اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وڏي ڪوشش ڪئي آهي مسلم ليگ ن کي ٽوڙڻ لاء پر ٻيئي فيل ٿي ويا آهن ۽ ان تي ٻين پارٽين کي به سوچڻ گهرجي ته وڏي ڪوششن جي باوجود حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ جا ميمبر نه ٽوڙي سگهي آهي ۽ فيل ٿي چڪا آهن .مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي ٻين پارٽين کي به ايئن ڪرڻ گهرجي لوٽن کي پارٽي ۾ واپس نه وٺڻ گهرجي . مولانا فضل رحمان ڳڙهي خدا بخش پي ڊي ايم جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو۽ جي يو آءِ جو پنج رڪني وفد شرڪت ڪندو. ٻه جنوري تي لاهور ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ان ساري مسئلن تي بحث ڪيو ويندو. ڊي جي رينجرز کي هٽائڻ کانپوءِ نئين ڊي جي رينجرز ميجر جنرل افتخار حسين چارج سنڀالي آهي ۽ ايئن لڳي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي جا اسٽيبلشمينت سان تعلقات ٺيڪ ٿي ويا آهن ۽ هاڻي پيپلز پارٽي اهڙو ڪو به قدم نٿي کڻڻ چاهي جنهن سان انهن جا اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات خراب ٿين ۽ مشڪلاتن ۾ ٻيهر اضافو ٿئي. پي ڊي ايم ۾ جيڪي پارٽيون آهن انهن مان ڪو به پي ڊي ايم جي بيان تان هٽندو ته عوام ۾ خوار ضرور ٿيندو. جيتري قدر پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته سينيٽ جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ گهرجي پي ٽي آءِ لاءِ ميدان خالي نه ڇڏڻ گهرجي اها ته هڪ سياسي ڳالهه آهي ۽ پي پي جي اها ڳاله ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي اتفاق ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن ان بهاني پي پي ڪا ٻي راند کيڏي ته پي پي پهريان به محدود ٿي چڪي آهي ۽ وري وڌيڪ محدود ٿي ويندي










