ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ آءِ بي اي سکر جي انتظامن هيٺ ايم ڊي ڪيٽ جا پيپر صوبي ۾ قائم 7 امتحاني مرڪزن ۾ هڪ ئي وقت جاري ڪيا ويا، پيپر 11:55 تي شروع ٿيو، پيپر لاءِ 200 سوالن لاءِ 3 ڪلاڪ 20 منٽ مقرر ڪيو ويو آهي.سڄي صوبي ۾ 38 هزار کان وڌيڪ شاگرد امتحان ۾ حصو وٺي رهيا آهن، ايم ڊي ڪيٽ جا امتحان ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ هڪ ئي وقت ٿي رهيا آهن.سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ڪراچي يونيورسٽي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ سينٽر جو دورو ڪيو.جنگ سان ڳالهائيندي ريحان بلوچ ٽيسٽ کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو ته ٽيسٽ بهترين طريقي سان ٿي رهي آهي ۽ سمورا معاملا آءِ بي اي جو وائيس چانسلر آصف شيخ پاڻ سنڀالي رهيو آهي، ان ڪري ٽيسٽ پيپر ليڪ نه ٿيو.آءِ بي اي جي وائيس چانسلر آصف شيخ ميڊيا آڏو وڏي باڪس مان پيپر ڪڍيو ۽ چيو ته پيپر سيل ٿيل آهي ۽ ان جو ڪو به حصو جاري ناهي ڪيو ويو.هن چيو ته باڪس بند گاڏيءَ ۾ آندو ويو، جنهن جي ڪيمرائن ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ پوليس به گڏ هئي.آصف شيخ جو چوڻ آهي ته جوابي ڪاپي رات 10 وڳي کان اڳ جاري ڪئي ويندي.










