ايمان مزاري کي گهلي گهر کان ٻاهر ڪڍيو ويو: شيرين مزاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ايمان مزاري کي گهلي ٻاهر ڪڍيو ويو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اهلڪار ايمان جي گرفتاري لاءِ گيٽ جمپ ڪري داخل ٿيا.هن چيو ته گارڊ ڪيبن ۾ بند هو، موبائيل به کڻي ويا ۽ دروازي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، منهنجي ڪمري ۾ موجود شين کي به ٽوڙيو ويو ۽ تلاشي ورتي وئي.شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته اهلڪار ايمان جو موبائيل ۽ ليپ ٽاپ کسي ورتو، منهنجو هٿ به ڇڪي ورتو ۽ موبائيل به کڻي ويا.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته گهر ۾ 20 جي لڳ ڀڳ ماڻهو داخل ٿيا، 6 عورت پوليس اهلڪارن کي گهر ۾ ڏٺو ويو.مان ۽ ايمان گهر ۾ رهون ٿا، خبر ناهي هن دروازو ڇو ٽوڙيو، کيس بغير وارنٽ جي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو