ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام سرڪاري آفيسرن کي پنهنجو همدرد نه ٿو مڃي ته ان کي خطري جي علامت سمجهيو وڃي، پيشيوراڻي سول سروس جو بنيادي ڪم حڪومتي پاليسين کي نافذ ڪرڻ آهي،وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 19 هين گريڊ جي آفيسرز جي 35 هين سينيئر مينيجمينٽ ڪورس جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سمورن آفيسرن کي موسمياتي تبديلي، معاشي بدحالي ۽ سياسي غير يقيني واري صورتحال جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻو آهي،وڏي وزير چيو ته ٻن عورتن سميت ڪورس مڪمل ڪندڙ سمورن 38 آفيسرز کي واڌايون ڏيان ٿو، وڏي وزير آفيسرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته تمام جلد توهان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اهم ۽ فيصلا ڪندڙ عهدن تي مقرر ٿيڻ وارا آهيو،هن چيو ته عوام انتهائي بااختيار آهي ۽ زميني حقيقتن جي بنياد تي نتيجا ڏسڻ جو مستحق آهي، اهو ئي واحد طريقو آهي جنهن سان اسان حڪومت تي عوام جو اعتماد بحال ڪري سگهون ٿا، حڪومتن وٽ ايماندار ۽ ذميوار آفيسرن تي ڀاڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي










