اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي ( اوگرا ) پهرين آڪٽوبر کان اين اين جي جي قيمت ۾ 0.51 ڊالر في ايم بي ٽي تائين واڌ ڪري ڇڏي. اوگرا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب، سوئي ناردرن جي سسٽم تي ايل اين جي 0.50 ڊالر ۽ سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.51 ڊالر في ايم ايم ي ٽي يو اضافو ڪيو ويو آهي. تازي اضافي کانپوءِ سوئي ناردن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 13.33 ڊالر ۽ سوئي سدرن واري سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 13.87 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. ماهرن موجب، ايل اين جي جي قيمت ۾ واڌ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي صورت ۾ بجلي مهانگي ٿيڻ جو سبب بڻجندي.
