ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2016ع کان لاپتا شهري سميت ٻين شهرين کي بازياب ڪرائڻ بابت درخواستن تي ايف آئي اي کان لاپتا شهرين جي ٽريول هسٽري گهري ورتي، درخواست جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوتو جي سبراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي، لاپتا شهرين جي زال موقف ڏيندي ٻڌايوته منهنجو مڙس سيد نويد علي 2016ع کان سمنڊ سان گڏ علائقي مان غائب آهي، شهري جي زال ٻڌايو ته 8 سالن کان عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنز جا ڌڪا کائي رهيا آهيون، پر اڃان تائين منهنجي مڙس کي بازياب ناهي ڪرايو ويو، پوليس پاران هن وقت تائين ڪائي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته شهري کي هنوقت تائين بازياب ڇو ناهي ڪرايو ويو، جاچ آفيسر موقف ڏيندي ٻڌايو ته شهري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 27 جي آئي ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن، جاچ آفيسر ٻڌايو ته سي ڊي آر مان پتو لڳايو ويو آهي ته سيد نويد علي جو رابطو ان جي زال سان هو، شهري پاڻ مرادو گم ٿيو آهي، درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته جاچ آفيسرن پاران روايتي رپورٽون پيش ڪيون پيون وڃن، عدالت جاچ آفيسر جي رد عمل تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چييتوه اوهان اسان کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهو، شهري جو ڪو ڪرمنزل رڪارڊ آهي؟ جاچ آفيسر ٻڌايوته شهري جو ڪوئي ڪرمنل رڪارڊ ناهي، شهري جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس پاران ٻڌايو ويو ته سيد نويد علي سمنڊ ڪناري لڳ علائقي عمر ضمانت رسالا سٽي، ادرس فيروز آباد ۽ ٻيا شهري ڪراچي جي مختلف علائقن مان لاپتا آهن، عدالت شهرين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ جي آئي ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










