ايف آءِ اي جو نون ليگ جي آفس تي ڇاپو، هارڊ ڊسڪ هٿ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي مسلم ليگ (ن) جي ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ تي ڇاپو هڻي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ قبضي ۾ ورتا آهن. ڊپٽي ڊائريڪٽر اعجاز احمد جي سربراهي ۾ 4 رڪني ٽيم ڇاپو هنيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل جي جاچ جي سلسلي م ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ڇاپو هنيو ويو. مريم نواز جي ويڊيو اسڪينڊل بابت پريس ڪانفرنس بابت رڪارڊ به ايف آءِ اي وارا کڻي ويا آهن. جج ويڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ جاچ لاءِ عطا تارڙ کي 27 ڊسمبر، جڏهن ته پرويز رشيد ۽ اعظميٰ بخاري کي 30 ڊسمبر تي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي ۽ کين نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته العزيزيه ريفرنس ڪيس ۾ ميان نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج جي مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪن ناصر بٽ سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جي مريم نواز ويڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته جج چيو آهي ته هن دٻاءَ سبب کيس سزا ڏني. جج سندس الزام رد ڪيو هو جنهن بعد جج کي ملازمت تان هٽايو ويو هو ۽ ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي. ان ڪيس بابت ايف آءِ اي جي مستعفي ٿيندڙ سربراهه بشير ميمڻ چيو هو ته مٿس حڪومت دٻاءُ وڌو هو ته مريم نواز، پرويز رشيد ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو وڃي. ڇاپي جي اطلاع تي ليگي ڪارڪن گڏ ٿي ويا ۽ عمران خان خلاف نعريبازي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو