اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي ڪندي ڀتا خوري ۾ ملوث هيڊ ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي موجب هيڊ ڪانسٽيبل انعام الله پاڻ کي ايف آءِ اي جو انسپيڪٽر ظاهر ڪري ڀتا خوري جي دعويٰ ڪندو هو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيترن ئي ٽريول ايجنسين کي ڌمڪيون ڏئي ڀتا وصول ڪندا هئا، جڏهن ته جوابدار پيٽرول ۽ ڊيزل ايجنسين کان به ڀتا خوري جي نالي تي وڏي رقم وصول ڪندا هئا. ايف آءِ اي موجب جوابدار وٽان افغان شهري ڪارڊ ۽ جعلي ايف آءِ اي ڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي. جوابدار کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










