ايشين شوٽنگ جاري، پاڪستاني شوٽر به ٽاپ ٽين ۾ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ)ايشين شوٽنگ جي سالياني رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، پاڪستاني برانز ميڊلسٽ ڪشمالا طلعت ۽ جي بشير جا نالا به ٽاپ ٽين لسٽ ۾ شامل آهن.پاڪستاني عورت شوٽر ڪشمالا طلعت 10 ميٽر پستول ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته عورتن جي 25 ميٽر پستول ۾ هوءَ 15 هين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.ڪشمالا طلعت هن سال ايشين گيمز ۾ 10 ميٽر پستول ۾ برونز ميڊل کٽيو هو ۽ ڪنهن به ڪيٽيگري ۾ پاڪستان جي بهترين شوٽر پڻ قرار ڏنو ويو هو.مردن جي 25 ميٽر ريپڊ فائر پستول ڪيٽيگري ۾ جي ايم بشير اٺين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.عثمان چند مرد اسڪيٽ ۾ 10 هين ۽ پاڪستاني شوٽر گلفام 10 ميٽر پستول ڪيٽيگري ۾ 14 هين نمبر تي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو