ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايشيا ڪپ لاءِ ٽيمن جي پاڪستان آمد شروع ٿي وئي آهي، نيپالي ٽيم ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچي وئي آهي.نيپال جي ٽيم 24 آگسٽ تي ڪوڪراچي ۾ پريڪٽس ميچ کيڏندي ۽ 25 آگسٽ تي ٽريننگ سيشن کيڏندي، نيپال جي ٽيم ٻي پريڪٽس ميچ 26 آگسٽ تي کيڏندي.نيپال ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ايونٽ شيڊول کان اڳ پاڪستان اچڻ جي درخواست ڪئي هئي.پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ 30 آگسٽ تي ملتان ۾ کيڏي ويندي.
