جهڏو ( ن س ) جهڏو يزيدي ڪردار ايريگيشن انتظاميه آبادگارن جي معاشي قتل عام ڪرڻ لڳي، ملڪي دريائن ۾ ٻوڏ هجن باوجود ڪوٽ غلام محمد سب ڊويزن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، بصر ٽماٽو مرچ ڪپھ جا فصل سڪي تباھ ٿي ويا، ڳوٺن توڙي شهرن ۾ پئيڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ، آبادگارن جا ڪروڙين رپين جا فصل تباهه، بااثر ايس ڊي او ايريگيشن حبيب الله برهماڻي پاڻي چور ۽ ڪريٽ آهي جيڪا منڊ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري پوڇڙ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي آبادگار، تفصيل موجب جهڏو تعلقي جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار رکندڙ بگي مائنر کي ڪامورڪي ڪرپشن تباھ ڪري ڇڏيو بااثر ڪامورن پوڇڙ جي شاخ بگي مائنر جو پاڻي منڊ جي بااثر آبادگارن کي وڪرو ڪري ڏئي ڇڏيو جنھن ڪري هزارين ايڪڙن تي پوکيل مرچ ڪپھ ٽماٽو بصرن توڙي ڀاڄين جا فصل سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن ته ٻئي پاسي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي انسان توڙي چوپايو مال جهنگلي جيوت جو جئيڻ جنجال بڻيل آهي آبادگارن نياز کوسو معشوق خان ،علي بخش کوسو، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترين ئي سالن کان ڪرپٽ ڪاموري خلق خدا جو جئيڻ جنجال بڻائي يزيد جي پوئواريءَ ڪري رهيو آهي جنهن سبب اسان معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي واپارين توڙي سيٺن جا لکن جا قرضي ٿي ويا آهيون پر ڪامورن ڪرپشن لاءِ هٿرادو وارا بندي ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جيڪا شرمناڪ مذمت جوڳو عمل آهي آبادگارن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بگي مائنر کي فوري پوڇڙ تائين پاڻي پھچائي آبادگارن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.
