ايران طرفان پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ جي آجيان

ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف پاڪستان جي وزيراعظم جي ٽياڪڙيءَ واري ڪوشش جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران وٽ ڳالهين کانسواءِ ڪو به رستو نه آهي. ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي جواد ظريف چيو ته اسان ڪڏهن به ٽياڪڙي ڪندڙ کي انڪار ناهي ڪيو، ايران هميشه پاڙيسري ملڪ سعودي عرب سان ٽياڪڙي يا سڌو سنئون ڳالهين لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب پاڙيسري ملڪ آهي ۽ کين هميشه گڏ رهڻو آهي، ان سان ڳالهين لاءِ ايراني حڪومت جا دروازا هميشه کان کليل آهن. ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته خطي لاءِ اسرائيل سڀ کان وڏو خطرو آهي، ڇو ته اها رياست ايٽمي هٿيار رکي ٿي ۽ ڪنهن به عالمي هٿيارن تي ڪنٽرول واري اداري سان معاهدي ۾ شامل نه آهي. جواد ظريف وڌيڪ چيو ته اسرائيل طرفان فلسطين ۾ غزه، اولهه، لبنان ۽ شام ۾ روز حملا ڪيا ويندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو