ايران جو ڪرسٽيانو رونالڊو کي خاص سم ڏيڻ تي غور

تحران (ويب ڊيسڪ)اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ٻين پرڏيهي فٽبالرز کي ايران اچڻ تي خاص سم ڪارڊ ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.عرب ميڊيا موجب هن خاص سم ڪارڊ ذريعي ايران جو دورو ڪندڙ پرڏيهي فٽبالرز بغير ڪنهن پابندي جي انٽرنيٽ جي رسائي حاصل ڪري سگهندا. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي فٽبال ڪلب النصر ايندڙ هفتي ايراني فٽبال ڪلب سان اي ايف سي چيمپيئنز ليگ جي ميچ کيڏڻ لاءِ ايران جي راڄڌاني تهران ايندي.ايراني فٽبال ڪلب جي صدر رضا درويش سرڪاري ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ڪجهه ماڻهو فٽبالرز کي ايران نه وڃڻ جو چئي اسان کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا ڇو ته اتي انٽرنيٽ جي سهولت نه هوندي.ٻئي طرف ان معاملي تي ڪجهه ايراني شهرين جو چوڻ آهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو کي اهڙي سروس پيش ڪرڻ سندن عوام جي توهين ۽ امتيازي سلوڪ هوندو ڇو ته مقامي شهري مڪمل انٽرنيٽ تائين رسائي نٿا ڪري سگهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران ۾ انٽرنيٽ تي تمام گهڻيون پابنديون آهن. ھزارين ويب سائيٽس ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ھتي بند ٿيل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو