ايراني صدر واپس وطن روانو، ڪراچي جا بند رستا کلي ويا

ايراني صدر واپس وطن روانو، ڪراچي جا بند رستا کلي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وفد سميت واپس ايران روانو ٿي ويو آهي. ايئرپورٽ تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه معزز مهمان کي الوداع ڪيو. دوري دوران ايراني صدر صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ گورنرن سان ملاقاتون ڪيون. ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپار جو حجم 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سندس واپس روانگي سان گڏوگڏ ڪراچي جا روڊ رستا کوليا ويا آهن ۽ مختلف رستن تي رکسل ڪنٽينر به هٽايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو