اياز سان مختلف سول سائٽي اڳواڻن جي ملاقات

حيدرآباد (ن س)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس لاء آفيس، المصطفيٰ، پرنس ٽائون تي جي يو آءِ ڄامشوري، يوٿ اسيمبلي فار هيومن رائيٽس، وڪيلن، جسقم خاتون اڳواڻ، ايس يو پي جي وفدن ملاقات ڪري سنڌ ۽ ملڪ جي موجوده صورت حال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي . کيس انساني حقن جي ڪانفرنسز ۽ لطيف ڊي جون دعوتون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ ۾ تماشبينن، سھولتڪارن ۽ تبري بازن جو ھڪڙو نسل پيو تيار ٿئي، جيڪي نہ ظلم، ناانصافي، ڪرپشن ۽ ڦُرلٽ خلاف جدوجھد ڪندا، نہ قوم ۽ وطن جي عملي سياست ڪندا، نہ ريلين، مارچن، جلوسن ۽ احتجاجن ۾ پنڌ ھلندا ۽ لٺيون کائيندا، نہ ڪنھن قومي پارٽي ۾ شامل ٿي ان سان توڙ تائين وفا ڪندا. بس ھنن رودالين جو ڪم آھي سوشل ميڊيا تي اوڇنگار ڏيڻ، ھنن کي بس سامھون ڳوٺ کي لڳل باھ کي ڏسي پِٽڪو ڪرڻو آھي، مھڻا ڏيڻا آھن ۽ مايوسي پکيڙڻي آھي، ابا ڙي، گھوڙا ڙي، باھ لڳي پئي آھي، ڪير بہ نٿو وسائي، او فلاڻا! او ادا! تون ڪٿي آھين؟ وڃ ڙي! وري ڏسو ٻي گھر کي پئي باھ لڳي، او ڀائو ڪاڏي وئين؟“ انھن کي ڪير چئي تہ توھين ڇو نٿا ڏول يا بالٽي ڀري ان باھ کي وسائڻ وارن سان شامل ٿيو؟ تہ چوندا تہ ”اسين غير جانبدار ۽ غير سياسي آھيون، اسان جا سڀني سان قُرب جا واسطا آھن. اسان بس تنقيد ڪري، پوسٽ ۽ اسٽيٽس رکي پنھنجو فرض نڀائي ڇڏيو، ھاڻي توھين ڄاڻو توھان جو ڪم ڄاڻي، اسان کي شام جو وڏيري فلاڻي خان جي ڪاڄ جي دعوت يا سول سوسائٽي جي سالگرھ ۽ ميوزيڪل پروگرام ۾ وڃڻو آھي.اياز لطيف پليجي چيو ت جيستائين سنڌ انھن قومي مايوسي پکيڙيندڙ سوشل ميڊيا جي رودالين، شعورخور ڳِجھن ۽ فتنه انگيز سھولتڪار تماشبينن مان جان نہ ڇڏائيندي، تيسين عوام جي وڏي تعداد کي اھي مايوس، مُڏو ۽ دلشڪستو ڪيو، گھر ويھاريو، ڦورو حڪمرانن جا سڌا ۽ اڻسڌا مفاد پورا ڪندا رھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تڏھين اڳتي وڌندي جڏھن اوھان سڀ، ڪنھن نہ ڪنھن سنڌ دوست، شفاف ۽ عوام دوست سياسي پارٽي جا ميمبر ٿي، ان سان سجاڳي ۽ جدوجھد جي ميدان ۾ ثابت قدم ٿي بيھندو. جي اوھان کي اڳتي ھلي اھا پارٽي درست نه ٿي لڳي، تہ ڪنھن ٻي ان کان بھتر سنڌ دوست پارٽي ۾ شامل ٿي ان سان توڙ تائين بيھو، پر ياد رکو! غير جانبدار ٿي، گھر ويھي، قومي، عوامي ۽ باشعور سياست کان لاتعلق ٿي، تماشبين بڻجي، قومي نجات جي حقيقي منزل ھرگز نٿي ماڻي سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو