اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 307 رپيا، انٽر بئنڪ ۾ 305 رپيا مهانگو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 307 رپيا ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 305 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 5 رپيا گهٽتائي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 307 رپين جو ٿي ويو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ رپيو 98 پئسا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 305 رپيا ٿي وئي آهي.اوپن مارڪيٽ ۽ انٽر بئنڪ اسپريڊ 1 سيڪڙو کان به گهٽ ٿي ويا آهن.آءِ ايم ايف ٻنهي مارڪيٽن جي وچ ۾ تفاوت کي 1.25 سيڪڙو تي رکڻ جو هدف مقرر ڪيو هو.ٻن مارڪيٽن جي وچ ۾ فرق هاڻي 0.7 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ يورو 3 رپيا 332 پئسا، پائونڊ 9 رپيا 388 پئسا جڏهن ته سعودي ريال هڪ رپيو 81 پئسا گهٽتائي سان 81 رپيا 80 پئسا ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو