اوور بلنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ڪاروائي تيز ڪريو

لاھور (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اوور بلنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته اوور بلنگ آفيسرن خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري رکي وڃي.هن چيو ته ڊسڪوز جي نااهلي ۽ لاپرواهي تي شهرين کي سزا ڏيڻ قبول ناهي، بجلي چورن خلاف به ڪارروائي جاري رکي وڃي.محسن نقوي جو چوڻ آهي ته بجلي چوري ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو