اوهانجي احتساب جو ڊرامو ختم هاڻي تنهنجو احتساب ٿيندو، مولانا

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهانجي احتساب جو ڊرامو ختم ٿيو هاڻي تنهنجو احتساب ڪنداسين. اهڙو اظهار هن فيصل آباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مهنگائي جو طوفان برپا آهي، عوام جو ڪهڙو ڏوهه آهي، حڪومت عوام مٿان ظلم ڪري رهي آهي، هاڻي پي ڊي ايم حڪمرانن جو احتساب ڪندي. هن چيو ته حڪمرانن پارليامينٽ کي غير مستحڪم ڪيوآهي، جڏهن ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا ته پارليامينٽ جِي ڪهڙي حيثيت رهجِي ويندي، ملڪ جِي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي، فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته، هِي حڪمران هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪيئن ڏيندا؟ هِنن ته 30 هزار ماڻهن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم حڪمرانن جو خاتمو ڪرڻ کانپوءِ ئي سُک جو ساهه کڻندي، پنجاب وڏو صوبو آهي، اُهو اٿندو ته سڄي ملڪ جِي همت وڌندي. هن چيو ته هاڻي پي ڊي ايم جي تحريڪ روڊن رستن تي هوندي اسين عوام سان گڏ آهيون عوام مهانگائي خلاف ٻاهر نڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو