پوليس اهلڪارن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو، ڪورنگي روڊ تي ٽرئفڪ بلاڪ

پوليس اهلڪارن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو، ڪورنگي روڊ تي ٽرئفڪ بلاڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪورنگي روڊ تي گذريل رات کان وڪيلن جي احتجاج سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڀرپاسي جي روڊن تي سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي.ٽريفڪ پوليس موجب وڪيلن جي احتجاج سبب شارع فيصل کان بلوچ ڪالوني تائين پل ۽ ڊفينس موري کان ڪورنگي ايندڙ ٽريڪ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪارساز کان ايندڙ ويندڙ ٽريڪ تي پڻ ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي. ٽريفڪ پوليس موجب قيوم آباد چورنگي تي به ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کان قيوم آباد ويندڙ ٽريڪ تي به ٽريفڪ متاثر ٿي، جڏهن ته ڄام صادق پل تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.پوليس موجب رات دير سان سرڪاري اداري جي اهلڪارن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.وڪيلن پاران واقعي جي رپورٽ داخل نه ڪرڻ تي روڊ ٽريفڪ بلاڪ ڪيو ويو ۽ وڪيلن چيو ته جيستائين ايف آءِ آر داخل نه ٿيندي احتجاج ختم نه ڪنداسين.ايس ايس پي ڏکڻ موجب تڪرار کانپوءِ وڪيلن احتجاج ڪندي ڪورنگي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ احتجاج صبح تائين جاري رهيو.ٻئي طرف ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته وڪيلن ۽ سرڪاري اداري جي عملدارن وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ وڪيلن ڪورنگي روڊ تي احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪورنگي روڊ ڀرسان روڊن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ٽريفڪ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو