انڌير آ ساٿي ھلو

انڌير آ ساٿي ھلو

لطف علي ھالو
جئين ھر فرد جو ھڪ “COMFORT ZONE” ھوندو آھي جيڪو سندس فڪري رجحان جي نرگسيت جو پڻ دائرو ھوندو جنھن مان ٻاھر نڪرڻ يا ٻاھر نڪرڻ جو خيال ھڪ خال پيدا ڪري فرد کي بيچين ۽ اضطرابي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آھي تئين ئي مظلوم قومن جو به COMFORT ZONE ھوندو آھي جنھن ۾ ثقافتي نرگسيت پنھنجي اوج تي ھوندي آھي جنھن جو اظھار قوم جي ادب ۽ فن ۾ ٿيندو آھي. جيڪڏھن ڪو ادب مروج COMFORT ZONE ۾ ڏار وجھڻ جي قوت رکندي پنھنجي ھمعصر دور جي دقيانوسي روايتن کي چيلنج ڪندو آھي ته ھن قوم جي ثقافتي نرگسيت ۾ مبتلا اديب، شاعر، دانشورن کان اھو ادب ھضم ناھي ٿيندو ۽ ھن تي مدلل تنقيد بجاء ڇسي تنقيد ڪري پنھنجي ثقافتي نرگسيت ۾ ورتل COMFORT ZONE کي برقرار رکڻ جا جتن پيا ڪندا آھن.
سلمان جو تازو نظم “جنت الفردوس ٿينديون ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون” سرويچ سجاولي جي “جنت الفردوس آھن ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون” کي مخاطب ٿي لکيل نظم آھي جيڪو ھن وقت سنڌي شاعري ۽ ادبي روايتن ۾ ھڪ نئون بحث ڇيرڻ جي قوت رکي ٿو. ھر دور جو شاعر پنھنجي پوئين دور جي شاعرن کان اثر وٺندو آھي ۽ پنھنجي ھمعصر دور جي مروج روايتن، جيڪي دورِ حاضر سان ٺھڪندڙ ناھن ھونديون، انھن کي چيلنج ڪري نئي روايتن جو امين پڻ ھوندو آھي. شيخ اياز شاھ لطيف مان اثر به کڻي ٿو ته ھن جي فڪر ۽ ادبي روايتن کي چيلنج ڪري ھن ۾ ڦوٽ وجھي ھن کي وڌائي به ٿو ساڳئي ڪار انگريزي ادب ۾ وليم بليڪ ۽ ھن کان بعد جي رمانوي شاعرن جھڙوڪ ورڊس ورٿ، ايس ٽي ڪالرج، جان ڪيٽس، شيلي يا دنيا جي ٻي ادب ۽ شاعري ۾ نظر اچي ٿي.
سائين سرويچ جو نظم ھڪ دور جي عڪاسي آھي جنھن ۾ سنڌ جا کيت، مھراڻ، جوڌا جوان، سب پاسي خير ئي خير لڳو پيو آھي. ھن نظم سنڌ جي تقريبن ٽن ڏھاڪن کان به وڌيڪ وقت تائين ثقافتي ۽ ادبي اثر رکيو آھي ۽ اڄ به اسان جڏھن پڙھون يا ٻڌون ٿا ته ھو نظم اسان کي موھي ٿو پر ھر دور ساڳيو دور ناھي ھوندو ۽ ٽن چئن ڏھاڪن کان پوء سلمان جھڙو شاعر موجوده سنڌ جي عڪاسي ڪري جڏھن لکي ٿو ته:
ڪالھ جيڪي ٿي ڪيون مون ڳالھيون مھراڻ جون
اڄ نہ آھن سي گھٽيون ۽ سي ڪنڌيون مھراڻ جون
سرما ويا وييون ڦڻيون
پاڻي سڪن ٿيون پدمڻيون
گڏجيو روئن پنج ست ڄڻيون
ڳوڙھن ڳرن سان ڪامڻيون
ناھن نٿون ۽ وينڍڙا
گجرا ويا سر تان ھليا
۽ خاڪ ٿي ويئي فضا
مانڊاڻ ۾ ماتم وريا
وڪجي سمورا کيٽ ويا
۽ ھي ٻنيون مھراڻ جون
جوڌا جري جن جا ويا
وک وک مٿان واسينگ ھا
دڳ دڳ اندر ڌوتا ڌريا
ھي ڌاريا ڪنھن ديس جا
ڌوڪي اسان جي شھر ۾
ھر ھڪ نگر ھر پھر ۾
مارو رھن ٿا قھر ۾
ھر وقت قاتل زھر ۾
خنجر کڻي کڻندو وڃي
ٿو سڀ خوشيون مھراڻ جون
ھن سٽن ذريعي شاعر پنھنجي قوم جي قومي استحصال ۽ ھمعصر دور جي تضادن کي ظاھر ڪري ثقافتي نرگسيت ۾ ورتل قوم کي مخاطب ٿي موجوده صورتحال کي وائکو ڪري عام آڏو پيش ڪري ٿو جنھن سان قوم پنھنجي گذريل دور کان ESTABLISHED COMFORT ZONE ۾ ڏار پوندي محسوس ڪري ٿي ته ھو بيچيني، بي معنويت، مايوسي ۽ اضطرابي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي ٿي. مايوسي رڳو خراب به ناھي ٿيندي. جيڪڏھن ڪو شاعر يا اديب پنھنجي قوم کي سندن تباھ حال حالت جو آئنو ڏيکاري ھن قوم جي قائم COMFORT ZONE ۾ ڦوٽ وجھي کين مايوس ڪري ته اھا مايوسي TRANSFORMATIVE قوت رکندي آھي.
مٿين بندن کي پڙھندي ھر پڙھندڙ اھا ئي اڌوري راھي ڏيندو ته شاعر مايوس ڪندڙ آھي. جديد ترقي پسند ادب ۽ شاعري ۾ اھا روايت رھي آھي ته شاعر شروعاتي بندن ۾ جڏھن ھمعصر دور ۽ انھن جي تضادن جي عڪاسي ڪندو آھي ته اھا پڙھندڙن کي موجوده حال جي دائري ۾ مايوس ڪندي آھي پر آخري بندن ۾ شاعر پنھنجي ترقي پسند فڪر جي ڦيلاھو ۽ افزائش لاء نئي اميد، نئي زندگي، نئي جستجو، نئي خيال، نئي جدوجهد جو درس ڏيندو آھي ته جئين حال جي مدِ خارج COMFORT ZONE مان نڪري ھڪ نئي زندگي جي تلاش ڪجي. فيض احمد فيض جي تقريبن شاعري ھن روايت ۽ ادبي سٽاءُ سان ڀري پئي آھي.
ترقي پسند شاعر حال جي تضادن کي سمجھائي ايندڙ دور جي ويڙھ لاء ھر عام کي احساساتي طور تيار ڪندو آھي جئين ھن ئي نظم جي آخري بند ۾ سلمان جاکرو اھا ترقي پسند روايت برقرار رکندي پنھنجي قوم کي مايوسين جي عميق مان ڪڍڻ لاء ان ۾ پُر اميدي جو جزبو برقرار رکي موجود کي مٽائڻ جو درس ڏي ٿو:
انڌير آ ساٿي ھلو
بس وير آ ساٿي ھلو
ڪجھ دير آ ساٿي ھلو
پوء خير ساٿي ھلو
تڙ تڙ مٿان ترندا ھلو
جر جر مٿان ٻرندا ھلو
سر سر مٿان سرندا ھلو
سلمان ڀل ڪرندا ھلو
جھرندا سمورا ڪوٽ
وينديون سڀ ڪڙيون مھراڻ جون
جنت الفردوس ٿينديون
ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون
جنت الفردوس ٿينديون
ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون

پهنجو تبصرو موڪليو