انڊيا جي فيڪٽري ۾ باهه 43 مزدور سڙي فوت

نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي گادي واري شهر جي اناج منڊي م واقع بيگ ٺاهيندڙ هڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 43 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته فجر وقت لڳل باهه ان وقت لڳي جڏهن اڪثر مزدور ستل هئا. باهه جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. مقامي ميڊيا موجب فائر برگيڊ جون 15 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف رهيون. ريسڪيو وارن موجب 50 کان مٿي مزدورن کي محفوظ انداز ۾ ڪڍيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو