انٽر ميڊيئيٽ جي سالياني امتحانن جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ انٽرميڊيئيٽ جي سالياني امتحانن جو اعلان ڪري ڇڏيو.انٽرميڊيٽ بورڊ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، جنرل سائنس ۽ هوم اڪنامڪس جا امتحان 28 مئي کان شروع ٿيندا.پڌرائي موجب صبح جي شفٽ ۾ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ ۽ هوم اڪنامڪس جا پيپر 9 کان 12 وڳي تائين ٿيندا، جڏهن ته جنرل سائنس جا امتحان 2 کان 5 وڳي تائين ورتا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو