انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 301 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 45 پئسا سستو ٿيڻ بعد اڄ 301 رپيا 50 پيسا ٿي ويو.ڊالر پنهنجي بلند ترين سطح کان 5 رپيا 60 پئسا گهٽجي ويو آهي.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 302 رپيا 95 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 4 رپيا 50 پيسا سستو ٿيڻ بعد 300 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي. گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 305 رپين جي سطح تي هو.انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ رپيو جو فرق رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو