انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي 13 پارٽيون ڊي لسٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي 13 سياسي پارٽين کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو،اليڪشن ڪميشن 2 سياسي پارٽين جون انٽرا پارٽي چونڊون منظور ڪري ورتيون ۽ 13 سياسي پارٽين جون انٽرا پارٽي چونڊون رد ڪري ڇڏيون،اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪندي چيو ته سياسي پارٽين جو رويو نازڪ آهي،اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءِ پاڪستان جا انٽرا پارٽي تفصيل منظور ڪندي جي يو آءِ کي چونڊ نشان جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پاڪستان مسلم ليگ جناح جو چونڊ نشان به جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته آل پاڪستان اقليتي اتحاد، آل پاڪستان تحريڪ، عوامي پارٽي پاڪستان، بهالپور نيشنل عوامي پارٽي کي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي،اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي سبڪا پاڪستان، پاڪستان امن ڪائونسل پارٽي، پاڪستان نيشنل مسلم ليگ کي به ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو،پاڪستان امن پارٽي، پاڪستان برابري پارٽي، ڪرسچن عوامي پارٽي، پاڪستان نيشنل يونٽي پارٽي، سني تحريڪ ۽ نظام مصطفيٰ پارٽي کي به خارج ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو