انصاف لاء واجهائيندڙ عورت کي ڪٿان انصاف ملندو

تحرير محمد خالد ميمڻ

گذريل ڏينهن پريس ڪلب ڦل تي هڪ وڏي عمر واري پيرسن عورت هڪ ننڍڙي معصوم نياڻي سان گڏ آئي سندس هٿن ۾ هڪ هڙ هئي اچڻ سان ئي منهنجو نالو وٺي چيائين ته پٽ مان تون وٽ آئي آھيان منهنجي مدد ڪندي مون کيس چيو ته امڙ ڇا مسئلو آھي اوهان ڳالھ ڪريو مان پنهنجي وس آھر اوهان جي مدد ضرور ڪندس جنهن تي ان پيرسن عورت جي اکين مان ڳوڙھا وهڻ شروع ٿي ويا مان کيس آٿت ڏني ۽ سڄو احوال ڏيڻ جو چيو ان روئيندي ٻڌايو ته منهنجو نالو سرداران چانڊيو آھي مان ڦل ڀرسان رند موري جي ڳوٺ فريد چانڊيو جي رهواسڻ آھيان ۽ ست سال اڳ 22 مئي 2014 تي ڦل ٿاڻي جي تڏهوڪي ايس ايڇ او منير لغاري جيڪو هاڻي ايس ايڇ او پڊعيدن آھي ان گشت ڪندي رند موري ڀرسان منهنجي 25 سالا بيگناه پٽ اعتبار علي چانڊيو کي ڄاڻي واڻي پوليس موبائيل جو ٽڪر هڻي روڊ تي ڪيرائي سندس منڍي مٿان موبائيل چاڙهي ماري ڇڏيو هيو اها ڳالھ پوري ڪري هوء روئيندي رهي ۽ پنهنجي هڙ کولي ان مان ڪجھ ڪاغذ ڪڍي مون کي ڏنا انهن ڪاغذن ۾ ان تاريخ جي اخبارن جون ڪٽنگون ۽ ايف آئي آر جون ڪاپيون ۽ ٻيون درخواستون هيون جيڪي مون ڏسي کيس چيو ته ڀلا پوء آخر ڇا ٿيو اوهان جي پٽ جي مبينه خون جو ڪو انصاف ٿيو ته پيرسن مسمات سردارن ٻڌايو ته مان مسلسل ست سال پنهنجي پٽ جي قاتل ايس ايڇ او منير لغاري کي قانون موجب سزا ڏيارڻ واسطي پنهنجي پٽ اعتبار چانڊيو جي هن معصوم اڪيلي نياڻي عظمان ڌعسان گڏ ڪورٽ سميت تر جي وڏن وڏن زميندارن,چونڊيل نمائندن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽي رهي آھيان پر اڃان تائين مون کي انصاف نه ملي سگهيو آھي مون کي ڪورٽ مان انصاف جي اميد آھي ۽ جيستائين منهنجي سسي ۾ ساه آھي مان پنهنجي پٽ جي قاتل کي سزا ڏيارڻ جي لاء ڪوششون جاري رکندس هن ٻڌايو ته منهنجو مڙس به گذاري ويو آھي ۽ منهنجو ٻيو پٽ ڀورو چانڊيو فالج جي بيماري سبب بستري تي آهي ۽ باقي مون کي نياڻين جو اولاد آھي انڪري مان هتي پريس ڪلب ڦل تي آئي آھيان اوهان صحافي مظلومن جو آواز آھيو خدارا منهنجو آواز پاڪستان جي اعلي عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس,وزيراعظم پاڪستان عمران خان,سنڌ جي وزيراعلي مراد علي شاه,آء جي سنڌ,ايس ايس پي نوشھروفيروز تائين پهچائي مون کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو مان اوهان کي صرف دعائون ئي ڏئي سگهان ٿي مون وٽ ٻيو ڪجھ به نه آھي ائين چئي هوء وري روئڻ لڳي ۽ سندس کي روئيندو ڏسي سندس پوٽي مرحوم اعتبار چانڊيو جي ڌئ معصوم نينگري عظمان چانڊيو جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا ۽ مون امڙ کي چيو ته امڙ مان ڪو وڏو عهدو رکندڙ آفيسر ته ڪونه آھيان پر منهنجو جيڪو به وس آھي مان اوهان جي مدد ڪندس.منهنجو پاڪستان جي هيومن رائٽس تنظيمن کان سوال آھي ته چلو پوليس کاتو پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ لاء ايس ايڇ او خلاف ڪوبه قدم نه ٿو کڻي ۽ کڻندو به نه پر اوهان ڪهڙي مرض جي دوا آھيون روز هر ضلعي هر شھر ۾ هيومن رائٽس جي تنظيمن جي ٿيندڙ نون عهديدارن جون مقرر ٿيڻ جون پوسٽون پڙھندو آھيان پر ڪم ته صفا زيرو ڏسڻ ۾ ٿو اچي سنڌ اندر رڳو هي پيرسن عورت مسمات سردارن ناهي پر کوڙ اهڙيون امڙيون پنهنجي لخت جگرن جي قاتلن کي انصاف ڏيارڻ جي لاء دانهيندي هي دنيا ڇڏي ويون آھن ۽ ڪيتريون ته اڃان به انصاف لاء پڪارين ٿيون پيون جيئن ڦل جي رهواسڻ شاهينه جوکيو پنهنجي پٽ عمران جوکيو جي لاء گذريل يارنهن سالن کان در ۾ اکيون وجهي وجهي پنهنجي اکين جو نور وڃائي ڇڏيو آھي گهوٽڪي جي فضيلا سرڪي جي امڙ اڃان تائين پنهنجي نياڻي جي بازيابي جي لاء احتجاج ڪندي ٿي رهي پوليس هٿان ماريل مٺياڻي جي رهواسي شفيق سولنگي جا والدين پڻ روزانه رڙيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٻيا به اهڙا کوڙ ڪيس هوندا پر الائي ڇو اسان جي معاشري مان انصاف ۽ احساس نالي جون شيون صفا غائب ٿي  ويون آھن انصاف نه ملڻ انصاف جي نه هجڻ سبب اسان جو معاشرو صفا تباه و برباد لڳو پيو آھي ماڻھو نفسياتي مريض بنجي ويا آھن انڪري ئي هرهڪ مان سهپ جو مادو ختم ٿيندو ٿو وڃي جنهن جي ڪري ٿوري ٿوري ڳالھ تي ڪيترائي خون خرابا ٿيو ٿا وڃن انڪري منهنجي پاڪستان جي انصاف جي اعلي عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي مؤدبانه هٿ ٻڌي گذارش آھي ته خدارا ملڪ جي مظلوم غريب مسڪين بي پھچ طبقي جي مظلومن جو آواز پاڻ مرادو ٻڌو ۽ ٻين مظلوم عورتن سميت هن پيرسن عورت مسمات سرداران سان انصاف ڪيو وڃي ۽ کيس جي پنهنجي پٽ اعتبار علي چانڊيو جي قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي کين قرار واقعي سزا ڏني وڃي ته جيئن انصاف جي تقاضا پوري ٿئي .

پهنجو تبصرو موڪليو