اميد آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ شفاف چونڊن يقيني بڻائيندو

اميد آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ شفاف چونڊن يقيني بڻائيندو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سمورين پارٽين طرفان انوارالحق ڪاڪڙ جي نالي تي ڀروسو اسان جي صحيح چونڊ جي نشاني آهي. وزيراعظم شهباز شريف انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بنجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ خوشي جوڳو قدم آهي. هن چيو ته آئيني طريقيڪار تي هلندي هڪ سٺي نالي تي اتفاق ٿيو. راجا رياض جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن مشاورت ۾ مدد ڪئي. شهباز شريف چيو ته انوارالحق ڪاڪڙ پڙهيل لکيل ۽ محب وطن شخص آهي. سمورين پارٽين جي طرفان انوارالحق ڪاڪڙ جي نالي تي ڀروسو اسان جي صحيح چونڊ جي نشاني آهي. اميد آهي ته انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ شفاف، آزادانه ۽ اڻڌريون چونڊون يقيني بنائيندو.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته 16 مهينن دوران اسان ملڪ کي جنهن معاشي استحڪام سان نوازيو اميد آهي ته اڳتي به ان جو سلسلو جاري رهندو. ترقي، تعمير ۽ معاشي بهتري جو تسلسل يقيني بنائڻ پاڪستان ۽ عوام جي بهتري لاءِ ضروري آهي.شهباز شريف چيو ته دعاگو آهيون ته نگران وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينه عوام ۽ آئين جي اميدن تي پورو لهي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض نگران وزيراعظم جي لاءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ انوارالحق ڪاڪڙ جو نالو منظور ڪيو جنهن جي صدر عارف علوي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انوارالحق ڪاڪڙ 14 آگسٽ تي نگران وزيراعظم واري عهدي جو حلف کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو