اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو وڃي.ايڇ آر سي پي چيو ته چونڊن جي حوالي سان غير يقيني واري صورتحال ختم ٿيڻ گهرجي.چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ تڪ بندين کي عذر نه بڻايو وڃي.هيومن رائيٽس ڪميشن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اهڙيون خبرون آهن ته فرقيواريت کي هٿي ڏني پئي وڃي ته جيئن ڏور ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين لاءِ مصنوعي سياسي خلا پيدا ڪيو وڃي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت کي عوام جي احتجاج تي به نظر رکڻ گهرجي، انهن مسئلن جو نوٽيس وٺي جنهن سبب عوام متحرڪ ٿي رهيو آهي.
